راجسٿان جي سنڌي ساهت جو جائزو

راجسٿان جي سنڌي ساهت جو جائزو (ڪتاب): هي هندستان جي مشهور سنڌي ليکڪا ڪملا گوڪلاڻيءَ جو لکيل ڪتاب آهي، جنهن ۾ راجسٿان ۾ سرجيل سنڌي ادب جو جائزو ورتو ويو آهي. سندس هي ڪتاب ساهتيه ڪشن پبليڪيشن، اجمير، راجسٿان سنڌي اڪيڊمي جئپور جي مالي تعاون سان ڇپايو آهي. ڪتاب جا ٻه اکر نامياري عالم ۽ اديب نارائڻ ڀارتيءَ لکيا آهن. راجسٿان جي سنڌي ادب تي هي پهريون تحقيقي ڪم آهي. ڪملا گوڪلاڻيءَ خود راجسٿان جي سرزمين تي جنم ورتو آهي، ان ڪري هن ڪتاب جا مضمون هن روح جي گهراين سان لکيا آهن. هن ڪتاب ۾ سندس ٽي اهم مضمــون شـامـل آهن: (1) ’راجسٿان ۾ سنڌي ساهته جي اوسر‘، (2) ’اڄ جي زندگيءَ جا بدلجندڙ ملهه، ۽ (3) ’راجسٿان جي ادب ۾ ورهاڱي جو درد‘.
ڪرائون سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1985ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو